آلو بخارا

آلو بخارا

آلو بخارا

آلو بخارا: ھڪ پھاڙي وڻ جو ميوو، جيڪو کاڌي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندو آھي. ھن جا صوفي ٻير جيڏا داڻا، ڪاراڻ مائل، ڳاڙھي رنگ جا ٿيندا آھن. ذائقو کٽو يا کٽمٺڙو اٿس.
آلو بخارو سرءُ جو ميوو آھي. ھيءُ خوباني ۽ آڙوءَ جو ويجھو رشتيدار آھي. غذائي لحاظ کان آلو بخارو وڏيءَ اھميت وارو ميوو آھي. ھن ۾ کنڊ، ڪئلشيم، فاسفورس ۽ فولاد ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ان ۾ وٽئمن اي. بي ۽ سيءَ کان سواءِ پروٽين جو نشاستو به ٿئي ٿو. ھيءُ ميوو ٿڌو اثر رکي ٿو ۽ قبض ڪشا آھي. طبي لحاظ کان گھڻي اڃ ۽ وات جي خشڪيءَ کي گھٽائي ٿو. تپ، مٿي جي سور ۽ الٽين وغيره لاءِ مفيد علاج سمجهيو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو